ٻوڌراج ٻوڌ

ٻوڌراج ٻوڌ

ٻوڌراج ٻوڌ

ٻُوڌراج ٻُوڌ: ٻُوڌراج ٻُوڌ جو اصل نالو ڀوڄراج هو، پر ادبي دنيا ۾ ٻوڌراج ٻوڌ جي نالي سان شاعر ۽ ليکڪ طور مشهور آهي، سندس جنم 6- فيبروري 1897ع تي ڪوئيٽا ۾ لوڪومل واڌواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم سکر ۾ حاصل ڪيائين. بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 28 سالن تائين هڪ محنتي استاد طور پڙهايائين. اوم منڊليءَ واري دادا ليکراج جي نياڻي ستي ديويءَ سان شادي ڪيائين. هن جي زندگيءَ ۾ سوامي هيمراج ۽ سوامي پرمانند ڦيرو آندو، روحاني ڄاڻ بعد ڀوڄراج مان ٻوڌراج ٿي پيو ۽ ادبي دنيا ۾ ٻوڌ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو. هن ڪهاڻي، شاعري ناٽڪ ۽ سفرناما لکيا آهن، سندس ڪتاب ۾ ”اندر جا آلاپ“، ”سچو ساٿي“، ”ڪشمير ياترا“، ”شڪر- ٻُوڌ“، ”سُنهري سُخن“، ”آتم امرت“، ”گيان ياترا“، ”آتم ڦلواڙي“، ”جيون جي جوت“، ”من دُرست“، ”ٻوڌواڻي“ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ”پريم“ نالي رسالو لاڳيتو 5 سال ڪڍيائين، سندس ”چنڊ“ ۽ ٻيا ناٽڪ، سماجي اوڻاين تي سُٺي طنز آهن، سندس ڪتاب ”سچي ساٿيءَ“ جو پرنسپال لعل سنگهه اجواڻي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جو مهاڳ داد جشن واسواڻي لکيو. 13 آڪٽوبر 1974ع تي پوني ۾ هن جي ياد ۾ هڪ سيمينار ٿي گذريو، جنهن ۾ ان ڪتاب جو مهورت ٿيو. هن 2 آڪٽوبر 1944ع تي مصوريءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ ٻوڌراج ٻوڌھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.02.06  عيسوي

ٻوڌراج ٻوڌ جو جنم 6 فيبروري 1897ع تي ڪوئيٽا ۾ ٿيو.


1944.10.02  عيسوي

هن 2 آڪٽوبر 1944ع تي مصوريءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمس الدين شيخ ڊاڪٽر
عبدالله ٺٽوي مخدوم
حميده قاضي
شنبو امير
سر ڪائوسجي جهانگير1 CSI
ادراڪي بيگلار
درازي سخي قبول محمد چوٿون
پير محمد هالائي
جمعو فقير 1
چوچڪ بيگم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون